شاهه غلام عباس

شاهه غلام عباس: سيد غلام عباس شاهه ولد روشن علي شاهه جهانيان پوٽو 1301هه/ 1883ع ۾ ٽنڊي جهانيان حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل ڪتاب ’ڪافيون‘ مطابق 14 صدي هجريءَ جي پهرين ڏهاڪي واري دور جي شاعرن مان آهي. هن جي همعصر شاعرن ۾ مرزا بنده علي بيگ، جمعو فقير، قاضي امام بخش، فقير مير خان ٽالپر، حاجي امام بخش خان صابر ۽ الله بخش خان اوڍو شامل آهن، هن 10 جمادي الاخر 1358هه/28 جولاءِ 1939ع تي وفات ڪئي. سندس ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي.
واهه واهه ناز نيڻن جي نزاڪت ڏس،
لحظي ليئڙو پائڻ، سا لياقت ڏس،
ڪڏهن جهٽڪ ڏئي کين نهارن ٿيون،
دک درد دلين جا لاهن ٿيون،
پاڻ سهڻيءَ ريت سيبائن ٿيون،
اها صاف سندن آهي سخاوت ڏس،


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.07.28  عيسوي

شاهه غلام عباس 10 جمادي الاخر 1358هه/28 جولاءِ 1939ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عاشق هالائي
اصغر شر
تلسيداس
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
شيلي
ڀوپالي محسن
اياز شيخ مبارڪ علي
سانوڻ سنڌي
اقبال رند
شيرل بيوس باڊاهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون